خط ۽ مضمون

خط ۽ مضمون

خط ۽ مضمون

خط ۽ مضمون (ڪتاب): هن ڪتاب جو مصنف سنڌ جو مفڪر ۽ ڏاهو سائين جي. ايم. سيد آهي. هيءُ ڪتاب سائين جي ايم سيد ڏانهن پير علي محمد راشديءَ جي لکيل خطن ۽ سندس بابت لکيل مضمونن جو مجموعو آهي. هن ڪتاب ۾ 97 خط شامل آهن. هن ڪتاب جو پيش لفظ ۽ علي محمد راشديءَ جي حياتيءَ جو مختصر احوال به سائين جي. ايم. سيد لکيو آهي. خطن جي باري ۾ سائين جي ايم سيد جو چوڻ آهي ته هنن خطن ۾ علي محمد راشديءَ جي ذوق زندگيءَ جو پتو پئجي سگهي ٿو، ڪن خطن ۾ هن اهي سياسي اڳڪٿيون ڪيون آهن، جي ڪو چٽو سياستدان ڪري سگهي ٿو. 167 صفحن تي مشتمل هن ڊيمي سائيز جي ڪتاب جي قيمت هڪ سئو رپيا آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1970ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو نومبر 1995ع ۾ جي. ايم. سيد اڪيڊمي، سن ضلعي دادو ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


لفظ خط ۽ مضمونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو